سنڌ ۾ اڍائي مهينن دوران 295 ماڻهو قتل ٿي ويا: پوليس رپورٽ

0
176
ڪراچي ۾ ڦر واقعن دوران

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ ۾ هلندڙ سال جي اڍائي مهينن دوران 295 ماڻهو قتل ٿي ويا، 21  مردن ۽ عورتن کي ڪارو ڪاري ڪري ماريو ويو آهي

سنڌ پوليس جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پوليس تي 620 حملا ٿيا، 60 عورتن جي لڄ لٽي وئي، 13 عورتون گينگ ريپ جون شڪار ٿيون، پوليس رپورٽ موجب  787 شهري اغوا ٿيا، 13 ڄڻن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو، 89 ٻار کنڀجي ويا، صوبي اندر قتل واقعن ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو

پوليس رپورٽ موجب ڪاروڪاري جي واقعن ۾ 9 سيڪڙو گھٽتائي ٿي، پوليس تي حملن ۾ 173 سيڪڙو واڌ ٿي،  اغوا جي وارداتن ۾ 5 سيڪڙو ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ هڪ سيڪڙو گھٽتائي ٿي، ٻار کنڀجڻ وارن واقعن ۾ 33 سيڪڙو گھٽتائي ٿي

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ غلام نبي ميمڻ جي ايڊيشنل آءِ جي مقرر ٿيڻ بعد ڏوهن جي مختلف قسمن ۾ گھٽتائي آئي،  پهرين جنوري کان 15 مارچ تائين گذريل سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ ڪراچي رينج ۾ ڏوهن ۾ 2483 سيڪڙو گھٽائي آئي

ھي به پڙھندا

ڊکڻ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  سکر رينج ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 154 سيڪڙو، لاڙڪاڻو رينج ۾ 346 سيڪڙو، ميرپورخاص رينج ۾ 311، سيڪڙو گھتائي آئي

پوليس رپورٽ موجب حيدرآباد رينج ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 522 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ شهيد بينظيرآباد رينج ۾ ڏوهن جي شرح ۾ 157 سيڪڙو واڌ ٿي آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پهرين جنوري کان 15 مارچ تائين گذريل سال جي مقابلي ۾ سنڌ جي هر ريجن ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن  ۾ گھٽائي آئي پر حيدرآباد ۽ شهيد بينظيرآباد رينج ۾ انهن ڏوهن ۾ واڌ ٿي

 حيدرآباد رينج ۾ ڌاڙن ۾ 20 ۽ ڦرن ۾ 12 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ ڌاڙن جي شرح ۾ 14 ۽ ڦرن ۾ 2 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڦر وارداتن ۾ سکر رينج اندر به 7 سيڪڙو اضافو ٿيو، پوليس رپورٽ موجب ڪراچي رينج ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿيا، سکر رينج ۾ به هڪ اهلڪار شهيد  ۽ هڪ زخمي ٿيو، لاڙڪاڻي رينج ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿيا

پوليس رپورٽ موجب هلندڙ سال پهرين جنوري کان 15 مارچ تائين صوبي ۾ 521 انڪائونٽر ٿيا، جن جي نتيجي ۾ 44 جوابدار مارجي ويا، 925 زخمي ٿيا، 6 مغوي بازياب ڪرايا ويا

پوليس رپورٽ موجب رينج وائيز انگن اکرن موجب ڪراچي ۾ 15 انڪائونٽر ٿيا، جن جي نتيجي ۾ 21 جوابدار مارجي ويا،  سکر ۾ 99 انڪائونٽر، لاڙڪاڻي ۾ 147 انڪائونٽر، حيدرآباد ۾ 57 انڪائونٽر۽ شهيد بينظيرآباد ۾ 23 انڪائونٽر ٿيا، انهي عرصي ۾ ميرپورخاص رينج ۾ ڪو به انڪائونٽر نه ٿيو. رپورٽ موجب صوبي ۾ 2042 اشتهاري ۽ 4740 مفرور ڏوهاري پڪڙيا ويا

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ڪاٽيندڙ قيدي جي وڊيو وائرل