لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ڪاٽيندڙ قيدي جي وڊيو وائرل

0
162
لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل

لاڙڪاڻو (ن پ ا) سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ 7سالن کان قيد ڪاٽيندڙ  موت جي سزا جي قيدي جي جيل مان اپيل ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

تعلقي وارھ واسي قيدي محمد علي بليدي جي اپيل واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هو آزادي لاءِ روئي رهيو آهي

قيدي محمد علي بليدي چوي ٿو ته موت جي سزا آئي،  راڄوڻي ذريعي 20 لک ڏنڊ مڙھيو ويو، پيسا نه ھجڻ ڪري ڦاسي لڳڻ واري آهي

هن چيو ته چار ٻار آهن جن جي تعليم تباھه آهي ۽ بکون ڪاٽن پيا، مون کان سواءِ ڪوئي انهن جو وارث ناھي، وس وارا نوٽيس وٺن منهنجي مٿان راڄوڻي جي رکيل چٽي جيتري وسيت ناھي، مدد ڪري منهنجي زندگي بچائي وڃي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي پوليس هٿان ٻن ڏينھن اندر 4 مبينا ڏوهاري هاف فراءِ