شھدادڪوٽ مان مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان ڪوئيٽا مان بازياب

0
213
شھدادڪوٽ مان

شھدادڪوٽ (ن پ ا)  شھدادڪوٽ مان مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان ڪوئيٽا مان بازياب ٿي ويو، نوجوان جي بازيابي جي اطلاع ملڻ تي سندس گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي

اي سيڪشن تاڻي جي حد الله آباد محلي مان نامعلوم ھٿياربندن ھٿان  مبينا طور ا غوا ٿي ويل نوجوان ظھير عباس بروھي کي ڪوئيٽا مان بازياب ڪرائڻ  جي دعوي ڪئي وئي آهي

رابطو ڪرڻ تي مغوي نوجوان ظھير عباس بروھي جي چاچي رحمت الله بروھي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو آهي ته منهنجي ڀائٽي کي نامعلوم ھٿياربندن شھدادڪوٽ مان اغوا ڪري بلوچستان کڻي ويا ھئا

ھٿياربند ڪوئيٽا  ۾ آرمي چيڪ پوسٽ ڏسي چيڪنگ ۾ گرفتار ٿيڻ جي خدشي سبب ظھير کي آرمي چيڪ پوسٽ ڀرسان المدينا پئٽرول پمپ ڀرسان ھٿياربندن پاران ھٿ پير ٻڌل حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، ظھير بروھي کي وٺڻ لاءِ ڪوئيٽا وڃي رھيا آهيون

ھوڏانھن مغوي نوجوان ظھير عباس بروھي جي  بازيابي جي اطلاع  ملڻ تي نوجوان جي گهر ڀاتين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آهي

ھي به پڙھندا

شھدادڪوٽ مان نوجوان پراسرانموني گم ٿي ويو