ڊکڻ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ

0
206

ڊکڻ /حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڊکڻ پوليس پاران  مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو

ڊکڻ ٿاڻي جي حد دڙي جاکري لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلي جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوٰ ڪئي وئي

مارجي ويل ڏوهاري بابت ايس ايڇ او ڊکڻ رفيق سومرو ٻڌايو آهي ته دڙي جاکري لنڪ روڊ تي گشتي پوليس جي ٽيم سان ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿيو

مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي قبضي مان هڪ پسٽل هٿ ڪيو آهي ۽ ٽي ڏوهاري فرار ٿي ويا آهن، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي

حيدرآباد پوليس هٿان هاف فراءِ ٿيل جوابدار دم ڏئي ڇڏيو

ٻئي پاسي حيدرآباد جي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد بچاءُ بند ويجهو مبينه پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار دم ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل رات دير سان مبينه  مقابلي دوران  زخمي ٿيل غلام مصطفيٰ سولنگي کي ٽنگ ۾ گولي لڳي هئي، جنهن کي سول اسپتال داخل ڪيو ويو هو جيڪو دم ڏئي ڇڏيو آهي

پوليس چيو آهي ته زخم جوابدار دل جي دوري سبب فوت ٿيو آهي، جوابدار خلاف ڀٽائي نگر ٿاڻي تي 4 ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدار ڦرن چورين ۽ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي پوليس هٿان ٻن ڏينھن اندر 4 مبينا ڏوهاري هاف فراءِ