ڪنري ۾ راشن جي آسري ۾ آيل عورتن تي پوليس ڪڙڪي پئي

0
315
ڪنري ۾ راشن جي آسري

ڪنري (ن پ ا) ڪنري جي روينيو آفيس ۾ امدادي راشن جي آسري ۾ آيل عورتن ۽ ريڙھي وارن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس ڪڙڪي پئي، عورتن، ريڙھي وارن ۽ واٽ ويندڙ ماڻھن تي لٺبازي ڪئي، روينيو عملي پاران عورتن تي پاڻي جا ڦوھارا هنيا ويا، جنهن بعد مڇريل ماڻھن ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو

گذريل ڏينھن سعودي عرب جي شھزادي پاران اماڻيل راشن تقسيم ڪرڻ بعد عورتن جو وڏو انگ پھتو

راشن ختم ٿي وڃڻ باوجود راشن جي آسري ۾ صبح کان ويٺل عورتن تي پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس اھلڪار عورتن ۽ ريڙھي وارن تي لٺبازي ڪندا رھيا ۽ روينيو عملو پاران پاڻي جي پائپ سان عورتن تي پاڻي جا ڦوھارا هنيا ويا

پوليس جي لٺبازي بعد عورتن ۾ ڀاڄ، مڇريل ماڻھن ڌرڻو ھڻي عمرڪوٽ ڪنري روڊ بند ڪري ڇڏي

انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسان وٽ ڪوبه راشن ناهي، راشن سعودي عرب جي شھزادي پاران ھو جيڪو گذريل ڏينھن تقسيم ڪري ڇڏيو