صدر 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو

0
244
صدر 90 ڏينهن ۾ چونڊون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي ڇڏيو آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته آئين تحت صدر چونڊن جي تاريخ طئه ڪندو آهي، قومي اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وڃن

خط ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن جِي تاريخ جَي اعلان لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ضروري هوندي آهي

اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 485 (اي) ۽ آرٽيڪل 224 (2) تحت صدر ئي عام چونڊن جي تاريخ مقرر ڪندو

ياد رهي ته 3 اپريل تي ڊپٽي اسپيڪر اپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي آئين خلاف قرار ڏيندي رد ڪيو هو جنهن بعد وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندي چيو ته هن قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر کي موڪلي آهي ۽ پوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم جي تجويز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي

ھي به پڙھندا

ڪيس کي اڄ ئي ختم ڪرڻ گهرون ٿا، پنجاب اسيمبلي جو معاملو آخر ۾ ڏسنداسين: چيف جسٽس