ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان جي پراڻي خواهش پوري ٿي وئي آهي ۽ هو پنهنجي خواهش مطابق افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ مقرر ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ يونس کي يو اي اي جي دوري لاءِ ڪوچ رکي ڇڏيو آهي. افغان ڪرڪيٽ بورڊ پاران يونس خان ۽ ڳوڻي فاسٽ بالر فاسٽ بالر عمر گل کي ڪوچ مقرر ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان افغان ڪرڪيٽ بورڊ ٻنهي رانديگرن جي تصوير شيئر ڪري کين ڪوچ مقرر ڪرڻ جي آگاهي ڏني. ٻئي پاسي يونس خان افغانستان جو ڪرڪيٽ ڪوچ مقرر ٿيڻ کي پراڻي خواهش قرار ڏيندي چيو آهي ته افغانستان بورڊ سان ڪوچنگ لاءِ 2011ع کان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي. هاڻي مون کي   لڳي ٿو ته يو اي ڪيمپ ۾ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏ ڪم ڪرڻ جو بهترين وقت آهي.