اوٻاوڙو: اٺين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا زيادتي، وڊيو وائرل

0
197

اوٻاوڙو (ن پ ا) پنجاب جي علائقي رحيم يار خان ويجهو لياقت پور شيداڻي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن اٺين ڪلاس جي شاگرد سان مبينا زيادتي ڪري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي

ڳوٺ جهوڪ گلاب شاهه جي رهواسي پورهيت محمد عارف ديوال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جي پاڙيسري ظهور احمد جي پٽ محمد مجاهد منهنجي پٽ محمد ڪاشف سان زيادتي ڪئي، جڏهن ته محمد شعيب ان جي جنسي زيادتي واري ويڊيو ٺاهيندو رهيو، منهنجي پٽ کي نشي واري شئي کارائي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو

جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل محمد ڪاشف جي ڀاءُ محمد طيب وڌيڪ ٻڌايو ته زيادتي ڪندڙ جوابدار بااثر آهن، انهن بدمعاشي جو مظاهرو ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن

متاثر اٺين ڪلاس جي شاگرد محمد ڪاشف جي وارثن ڊي پي او رحيم يار خان ۽ ڊي ايس پي لياقت پور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي