ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾آل پارٽيز موومينٽ پاران خوني جهيڙن جي خاتمي لاءِ ٽئين ڏينهن به وڪيل عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته ضلعو قبيلائي دھشتگردي جي ور چڙھي ويو آھي، هر روز ڪونڌر گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، چڱا مڙس هن ڪار خير ۾ حصو وٺي مختلف برادرين ۾ هلندڙ خوني جهيڙن کي ختم ڪرائن ۽ ضلعي اندر امن جي فضا بحال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.