پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري پاران روهڙي پهچي تحفظ جي گهر

0
431

روھڙي: سکر ۾ اسلام قبول ڪري پيار جو پرڻو ڪندڙ ناري پنهنجي گهر وارن جي ظلم کان بچڻ لاءِ روهڙي پھچي تحفظ جي گهر ڪئي آهي. گذريل ڏينهن سکر جي نئين پنڊ جي رھواسڻ ناري شانزه مسيح اسلام قبول ڪري سکر جي عدالت ۾ سکر واسي نوجوان حسنين راجپوت سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ھو ، جوڙي روهڙي پھچي ناري جي وارثن جي ظلم خلاف تحفظ جي گهر ڪئي آهي، جوڙي جو چوڻ هو ته ناري جي وارثن نئين پنڊ ٿاڻي تي اغوا جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، شانزه اسلام قبول ڪري پنهنجو اسلامي نالو فاطمه رکيو آهي، ڇوڪري جا وارث جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏياريو وڃي. هنن چيو ته ڇوڪريءَ جا وارث اسان جي گهر تي حملو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري قيمتي سامان کڻي ويا آهن.