ڀارت جي پاڪستان ۾ گهڙي ڪاررواين جي ڌمڪي، پاڪستان جو سخت رد عمل

0
63

پاڪستان ڀارت جي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه جي پاڪستان ۾ گهڙي ڪارروائيون ڪرڻ واري بيان تي سخت احتجاج ڪيو آهي

پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجي خودمختياري جو تحفظ ڪرڻ واري عزم تي قائم آهي

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهريٰ بلوچ چيو آهي ته ڀارتي وزير جي پاڪستان مخالف بيانن جي مذمت ڪيون ٿا

ڀارت جي دفاع واري وزير پنهنجي انٽرويو ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي، ڀارتي وزير جي بيان اسان جي ان دعويٰ جي تصديق ڪري ڇڏي ته پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جي ڀارت پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ ۾ اتان جي شهرين کي نشانو بڻائي نه ٿو سگهي

ڀارت جي دفاع واري وزير پنهنجي انٽرويو ۾ پاڪستان اندر 20 شهرين جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف به ڪيو، راجناٿ سنگهه چيو ته ڪو به ماڻهو ڀارت ۾ دهشتگردي ڪري پاڪستان ويندو ته اسان پاڪستان ۾ گهڙي ان کي مارينداسين