ڪي پي ڪي جو جهيڙو حيدرآباد تائين پهچي ويو، سائيٽ واري علائقي ۾ پيرسن قتل

0
58
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل
نصير آباد ڀرسان سرن جي بٺي جو چوڪيدار گوليون هڻي قتل

خيبر پختونخواهه ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ جاري خوني جهيڙو حيدرآباد منتقل ٿي ويو، حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 65 سالن جو پيرسن نظير خٽڪ مارجي ويو

ٻڌايو پيو وڃي ته جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب ۽ چاقو سان ڪيل حملي ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو

پوليس موجب ڌرين وچ ۾ خيبر پختونخواهه ۾ زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ هو، ان تڪرار تان هٿياربندن حيدرآباد ۾ حملو ڪيو

مقتول جي پٽ عظمت پٺاڻ جو چوڻ آهي ته ڀتو نه ڏيڻ تان گل باغ، نديم، مزمل ۽ ٻين فائرنگ ڪري والد کي قتل ڪيو

فائرنگ ۾ ڀاءُ سميت 5 ڄڻا زخمي به ٿيا، ٻن زخمين کي ايس ايڇ او واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرائڻ جو چئي پاڻ سان گڏ وٺي ويو