جي ڊي اي جو مورو ۾ ڌرڻو، قيادت پهچڻ شروع

0
72

جي ڊي اي پاران اليڪشن ۾ مبينا ڌانڌلين ۽ نتيجا تبديل ڪرڻ خلاف  مورو ۾ ڌرڻو هنيو پيو وڃي، جنهن ۾ حر ۽ جي ڊي اي جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پهتل آهن

ڌرڻي واري هنڌ 80 فٽ ڊگهي ۽ 20 فٽ ويڪري اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي، جلسي ۾ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارو، ذوالفقار مرزا، فهميده مرزا، سائرا بانو، اياز لطيف ۽ ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيندا

جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ مرڪزي قيادت سيد صدرالدين شاھ راشدي، سيد اسماعيل شاھ راشدي، لياقت علي خان جتوئي، غلام مرتضي’ خان جتوئي، راشد محمود سومرو ۽ ٻيا پهچي ويا آهن

قومي شاھراھ کي ھن وقت بند ڪيو ويو آھي، رڳو ايمبولينس کي گذرڻ جي جاءِ ڏني ويندي، عام ٽريفڪ لاءِ روڊ بند ٿي ويو آهي