سنڌ جي نگران ڪابينا: اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ لاءِ 434 ملين روپين جي منظوري

0
68

سنڌ جي نگران ڪابينا اسلام ڪوٽ جي آر او پلانٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ 434 ملين روپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ايس او ايس چلڊرين وليج پريم نگر لاءِ 447 ملين روپين جي گرانٽ به منظور ڪئي وئي آهي

نگران وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته پريم نگر ۾ ٻارن جي لاءِ پهريون اسپيشلائيزڊ ڪيئر انسٽٽيوٽ قائم ڪيو پيو وڃي

نگران وڏي وزير مقبول باقر حڪومت هلائڻ ۾ سهڪار ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري ۽ سمورن سيڪريٽريز جا ٿورا مڃيا، ڪابينا ميمبرز به نگران وڏي وزير جي ڪارڪردگي کي بهترين قرار ڏيندي سندس واکاڻ ڪئي