نصير آباد ۾ هدايت لوهار جي قتل خلاف ڌرڻو، نادر مگسي پهتو

0
58

نصير آباد ۾ قومپرست ڪارڪن هدايت لوهار جي قتل خلاف انڊس هاءِ وي تي لڳل ڌرڻي ۾ اڳوڻو صوبائي وزير نادر مگسي پهچي ويو

نادر مگسي پاران مقتول جي نياڻين سسئي ۽ سورٺ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارڻ جي خاطري ڪئي وئي آهي

سورٺ ميار ڏيندي چيو ته نادر مگسي کي اها به خبر نه آهي ته هدايت الله لوهار ڪير هو، ڪنهن وڏيري ۽ سردار جو پٽ مري ها ته سنڌ جا سڀ رستا بند ڪيا وڃن ها، نادر مگسي چيو ته مان توهان کي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ نه ٿو چوان، توهان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندس

سسئي ۽ سورٺ جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي

 ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڪليم ملڪ به ڌرڻي ۾ پهتو، ايس ايس پي نادر مگسي ۽ مظاهرين کي جوابدارن جي جلد گرفتاريءَ جي خاطري ڪرائي