پنهنجي والد کي انصاف ڏيارڻ بينظير ڀٽو جو خواب هو: بلاول

0
57

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجي والد کي انصاف ڏيارڻ بينظير ڀٽو جو خواب هو، ادارن وٽ داغ ڌوئڻ جو هڪ موقعو آهي، صدارتي ريفرنس تي هاڻي ججز کي فيصلو ڪرڻو آهي ته هن ڪيس ۾ ڪهڙو انصاف ڪيو ويو آهي، عدليه مان انصاف جي اميد آهي

شهيد ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل بابت ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول چيو ته ججن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا آمريت جي دور ۾ ڀٽو جو قتل درست فيصلو هو

هن چيو ته جيڪڏهن اهو درست فيصلو نه هو ته پوءِ هاڻي ان جو ازالو ڇا ٿيندو، اهڙي طريقي سان عدليه پنهنجي مٿان لڳل داغ به ڌوئيندي ۽ ٻين ادارن کي به داغ ڌوئڻ جو موقعو ملندو