ڀارت کي خيرات ۾ پائلٽ واپس ڪيو هو: خواجه آصف

0
40

دفاع واري وزير خواجا آصف ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي

خواجه آصف چيو ته ڀارت جو ڪجهه سال اڳ پلواما ۾ داخل ٿيڻ تي ڪهڙو حشر ٿيو هو، اسان ڀارت کي خيرات ۾ هنن جو پائلٽ واپس ڪيو هو، ڀارت هاڻي به ڪوشش ڪري ڏسي کيس ساڳيو ئي جواب ملندو

خواجا آصف چيو ته ڀارت جي حڪمران جماعت ۽ سندس وزير اليڪشن ۾ ڪاميابي لاءِ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ڀارتي وزير جو بيان ان ڳالهه جي تصديق آهي ته ڀارت اڃا به پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهي ۽ ان جي سرپرستي ڪري رهيو آهي