ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جو آپريشن، 8 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ

0
40

 ڊيرا اسماعيل خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هئا

مارجي ويل دهشتگرد شهرين جي رتوڇاڻ ۾ به ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مواد، هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن

آءِ ايس پي آر موجب 8 دهشتگردن جي مارجڻ بعد علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي