جلسن جلوسن ۽ احتجاجن سان حڪومتون نه وينديون آهن، اپوزيشن پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: خورشيد شاهه

0
39

جلسن جلوسن ۽ احتجاجن سان حڪومتون نه وينديون آهن، اپوزيشن پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته حڪومت لاءِ پريشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، پي ٽي آءِ باني جي حڪومت به احتجاج نه پر پارليامينٽ ذريعي ختم ٿي: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جون سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهيون، خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سندس گهر جو معاملو آهي، ان تي مان نه ڳالهائيندس، آءِ ايم ايف سان معاملا طئي به ٿي ويا ته اهو سڀ ڪجهه مصنوعي هوندو، معاشي مسئلن جو حل مستقل بنيادن تي ڳولڻو پوندو، پيپلزپارٽي منشور ۾ 3 سئو يونٽس تائين مفت بجلي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اسان 3 سئو يونٽس تائين جا سولر سسٽم ڏئي رهيا آهيون، منشور ۾ ڪيل وعدي تي عملدرآمد ۾ وقت لڳندو