اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري توهان کي ڇو ياد آئي آهي؟: پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه

0
152

اڍائي سالن کانپوءِ پريا ڪماري توهان کي ڇو ياد آئي آهي؟ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان پريا ڪماري جي معاملي کي ايڏي هائيپ ڇو ڏني آهي؟ پريا ڪماري کانسواءِ ٻيا واقعا به ٿيا آهن: پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو سکر ۾ پريا ڪماري بابت سوال پڇڻ تي ردعمل، خورشيد شاهه چيو ته اسان به پريا ڪماري وارن وٽ ويائا هسين، جيڏي پريا ڪماري جي معاملي ۾ جاچ ٿي آهي ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ شايد نه ٿي هجي، پريا ڪماري واقعي جي هائيپ بابت توهان کي هتي ڪجهه نه ٿو ٻڌائي سگهان، اڪيلائي ۾ توهان کي ٻڌائيندس، پي ٽي آءِ بابت احتجاج بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته جلسن جلوسن ۽ احتجاجن سان حڪومتون نه وينديون آهن، اپوزيشن پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته حڪومت لاءِ پريشانيون پيدا ٿي سگهن ٿيون