ام رباب چانڊيو سنڌ جي سردارن جاگيردارن خلاف تحريڪ جو سڏ ڏئي ڇڏيو

0
539

ڪنڌڪوٽ: ام رباب چانڊيو ڪنڌڪوٽ ڀرسان چاچڙ برادري جي 9 مقتولن جي تڏي تي پهچي مقتولن جي وارثن سان تعزيت ڪئي. سندس چوڻ هو ته هڪ خاندان جي 9 ماڻهن جي بي گناه قتل ڪرڻ وارو واقعو سنڌ حڪومت جي ناڪامي آهي، صرف ماڻهو ماريا پيا وڃن پوليس امن امان ڪرڻ ۾ ناڪام وئي. هن چيو ته اسان کي قبيلائي جهيڙن ۽ برادري جي سسٽم ۾ جڪڙيو ويو آهي اسان کي پاڻ ۾ وڙهايو پيو وڃي، هن چيو ته منهنجو ميسيج آهي ته خدارا اٿو اڃان وقت ناهي ويو، ظلم جي خلاف اٿڻو پوندو ايتريون وڏيون قربانيون ڏيون ٿا اٿو تحريڪ هلايو. ام رباب چيو ته منهنجي گهر ۾ اهڙو واقعو ٿي گذريو آ مان سنڌ جي نياڻي آهيان مان سنڌ جي سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته اسان ئي هنن کي سردار بڻايو آهي مان هڪ نياڻي جڏهن ظلم ڏاڍ خلاف بيهي سگهان ٿي ته هتان جا مرد ڇو نه ٿا بيهي سگهن؟