ڪنري: واهه ۾ وهنجندي 3 ٻار ٻڏي ويا، ٻن کي بچايو ويو

0
265

ڪنري: ڪنري ڀرسان نبي سر واھ ۾ وھنجندي 3 ٻار ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻن کي زنده ٻاھر ڪڍي ورتو، هڪ نينگري فوت ٿي وئي. ڳوٺ نسيم آباد وٽ نبي سر واھ ۾ وھنجڻ دوران گشڪوري برادري جون ٻه نينگريون ۽ ھڪ نينگر ڪري پيا جن ۾ 9 ورھين جي اقرا ڌيءَ احسان گشڪوري، 5 سالن جو گل زمان ولد گلفام گشڪوري ۽ 5 سالن جي ھير ڌيءَ خالق گشڪوري شامل هئا. اقرا ۽ گل زمان کي زنده ٻاھر ڪڍيو ويو جڏهن ته ھڪ ٻارڙي ھير فوت ٿي وئي، جنھن جي ڪافي ڳولا بعد لاش ٻاھر ڪڍيو ويو، فوت ٿيل نينگري نبي سر روڊ جي رھواسي ٻڌائي پئي وڃي، جيڪا ناناڻن ۾ آيل ھئي.