پنڊي ۾ پي ٽي آءِ جو پاور شو، عمران خان جلسي گاهه پهچي ويو، ڪجهه دير ۾ خطاب ڪندو

0
199
پنڊي ۾ پي ٽي آءِ جو پاور شو
پنڊي ۾ پي ٽي آءِ جو پاور شو، عمران خان جلسي گاهه پهچي ويو، ڪجهه دير ۾ خطاب ڪندو

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان راولپنڊي ۾ جلسي گاهه پهچي ويو

راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو شروع ٿي ويو آهي ۽ اڳواڻن جون تقريرون جاري آهن. ريلي جو مرڪزي اسٽيج سڪسٿ روڊ فلائي اوور تي لڳايو ويو آهي

عمران خان به راولپنڊي جي جلسي گاهه پهچي ويو آهي ۽ ڪجهه دير ۾ خطاب ڪندو

اڳوڻو وزيراعظم واڪر تي چڙهي اسٽيج تي پهتو

جلسي گاهه پهچڻ کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين هيلي ڪاپٽر ذريعي جلسي گاهه جو معائنو ڪيو، جڏهن ته عمران خان لاهور کان اسلام آباد چارٽرڊ جهاز ۾ جلسي گاهه پهتو

اسلام آباد انتظاميا عمران خان جي هيلي ڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني

پوليس اختيارين تحريڪ انصاف جي قيادت کي لکيو آهي ته عمران خان لاءِ بلٽ پروف روسٽرم يقيني بڻايو وڃي، عمران خان به بلٽ پروف جيڪٽ استعمال ڪري

ھي به پڙھندا

راولپنڊيءَ ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي ميدان تيار

عمران خان کي بلٽ پروف جيڪٽ پائڻ گهرجي، چُرپُر ڳجهي رکڻ جي گذارش

پي ٽي آءِ اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي

مرڻ جو خوف وساري ڇڏيو آهي: عمران خان

عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته پنڊي کي قبرستان بڻائي ڇڏينداسين: شيخ رشيد