پي ٽي آءِ اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪندي

0
166

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اڄ راولپنڊي ۾ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن

انتظاميا جي هدايتن تي پي ٽي آءِ جلسي جي جاءِ تبديل ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هاڻي اسٽيج 6 روڊ فلائي اوور تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته چاندني چوڪ تائين پنڊال قائم ڪيو ويو آهي

ضلعي انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کي 26 نقطن تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن موجب پي ٽي آءِ کي اڌ رات کان اڳ جلسي جو ھنڌ خالي ڪرڻو پوندو

عمران خان هيليڪاپٽر ذريعي لاهور جي زمان پارڪ مان اڏام ذريعي جلسي گاهه ويجهو لينڊ ڪندو، انتظاميا ڪنٽينرز رکي ريڊ زون اسلام آباد ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا

 جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ 8 هزار 5 سئو اهلڪار مقرر ڪيا ويا آھن،  انتظاميا موجب 56 شرطن تحت پي ٽي آءِ کي هڪ ڏينهن لاءِ جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي