مرڻ جو خوف وساري ڇڏيو آهي: عمران خان

0
333
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سربراھھ عمران خان چيو آھي تھ مرڻ جو خوف وساري ڇڏيو آهي، حملي کانپوءِ ٻيهر لانگ مارچ کي جوائن ڪرڻ لاءِ بيتاب آهيان

راولپنڊي ۾ جلسي کان اڳ پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته  مون کي اِها خبر هئي ته سياست ۾ ايندس ته زندگيءَ کي خطرو هوندو

عمران خان چيو تھ مون مٿان ٿيل حملي جي گهر واري کي ٽي وي تي خبر پئي، هُن کي لڳو ته مان ٺيڪ آهيان، کيس اهو اندازو نه هو ته مون کي 3 گوليون لڳيون

پي ٽي آءِ سربراھھ چيو تھ خوف کي ڇڏي حقيقي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جاري رکندس، عوام کي حقيقي آزادي ڏيارڻ مشن آھي، پوئتي ھٽڻ لاءِ ناھيان آيو،پنھنجو مشن جاري رکندس