عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته پنڊي کي قبرستان بڻائي ڇڏينداسين: شيخ رشيد

0
292

اڳوڻي گھرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراھھ شيخ رشيد چيو آھي تھ عمران خان اڄ راولپنڊي جو مهمان آهي، مهمانن کي ڪجهه به ٿيو ته راولپنڊي کي حڪمرانن جو سياسي قبرستان بڻائي ڇڏينداسين

لال حويلي ٻاهران ريلي کي خطاب ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته اڄ پنڊي ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پوندو، لکين ماڻهو حڪومت کان ڇوٽڪاري ۽ نئين اليڪشن جي حق ۾ فيصلو ڏيندا

ھن چيو تھ  آرمي ۾ نيون مقرريون پي ڊي ايم جو ملبو نه کڻي سگهنديون، ادارا عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ عوام سان گڏ بيهندا