فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين: عمران خان

0
193
فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين
فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين: عمران خان

فيصلو ڪيو اٿئون ته سمورين اسيمبليز مان نڪري وينداسين، هاڻي هن نظام جو حصو ناهي ٿيڻو، پنهنجي وڏن وزيرن سان ڳالهايو اٿم،پارلياماني پارٽيز سان مشاورت بعد اعلان ڪندس ته ڪهڙي ڏينهن اسيمبليز مان ٻاهر نڪرنداسين

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته رتوڇاڻ کان بچڻ لاءِ اسلام آباد نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو اٿئون، جيڪي هنن کي اين آر او ڏيندا آهن، اُهي ٻڌائين ته توهان کي خدا جو خوف ناهي جو ملڪ تي ايڏو ظلم ڪريو ٿا

راولپنڊي ۾ جلسي کي خطاب دوران عمران خان چيو ته سائيفر کي ڊرامو قرار ڏيڻ ملڪ جي توهين آهي، حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ۾ ملوث ماڻهو چون ٿا سائيفر ڊرامو آهي، اُن تي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو آهي، سائيفر ڊرامو هو ته قومي سلامتي ڪميٽي آمريڪا اڳيان احتجاج جو فيصلو ڇو ڪيو؟

ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو سازش سان حڪومت هٽائي وئي، ساڍا ٽن سالن دوران طاقتور کي قانون جي ماتحت آڻڻ ۾ ناڪام ٿيو آهيان، ڇو ته نيب منهنجي نه، پر اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت هو، مون کي چيو ويو ته احتساب کي وساري ڇڏيو، معيشت تي ڌيان ڏيو، جِن وٽ طاقت هئي، اُهي ڪرپشن کي خراب نه سمجهندا هئا، تنهنڪري چورن جو ٽولو اسان تي مڙهي ڇڏيو، حڪومت تي پريشر وجهڻ لاءِ پنڊي آيو آهيان، ملڪ کي بچائڻو آهي ته فوري چونڊون ڪرايون وڃن

ھي به پڙھندا

پنڊي ۾ پي ٽي آءِ جو پاور شو، عمران خان جلسي گاهه پهچي ويو، ڪجهه دير ۾ خطاب ڪندو

راولپنڊيءَ ۾ تحريڪ انصاف جو سياسي ميدان تيار

عمران خان کي بلٽ پروف جيڪٽ پائڻ گهرجي، چُرپُر ڳجهي رکڻ جي گذارش