پنو عاقل (ن پ ا) پني عاقل ڀرسان ڪچي جي حسين ٻيلي واري علائقي ۾ ڳوٺ کي باهه لڳي وئي، 30 کان وڌيڪ گهر سڙي رک ٿي ويا، فائر برگيڊ جون گاڏيون روانيون، پوليس جو چوڻ آهي ته باهه جَي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ڏکيو آهي، واقعي واري هنڌ پهچڻ بعد ئي پتو پئجي سگهندو، جڏهن ته باهه تيزي سان وڌي رهي آهي، پوليس ۽ فائر برگيڊ جون ٽيمون پهچي ويون، پوليس موجب 30 کان وڌيڪ گهر رک ٿي ويا آهن، جاني نقصان هيل تائين اطلاع ناهن باقي مالي نقصان جو ڪاٿو لڳايون پيا.