اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 100 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، 4 هزار 84 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهي، سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن دوران ٽيسٽ مثبت اچڻ جِي شرح 8 ڏهائي 8 سيڪڙو رهي، اسلام آباد، ملتان ۾ 67 ۽ لاهور ۾ 63 سيڪڙو وينٽي ليٽرز ڀرجي ويا، 50 کان 60 سالن جي عمر جي شهرين لاءِ ڪورونا وئڪسين جي رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿيندي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعدا 265158 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 4495 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 217694 آهي ۽ 6319 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ڪري حياتي وڃائي چڪا،  جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪُل تعداد 19535 ۽ فوتين جو  تعداد 207 ٿي ويو آهي. ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 86044 ٿي ويو ۽ 2319 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 12549 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪاآهن، ۽ 350 ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا، گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو تعداد 5016 ۽ 103 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.