اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ فارغ، حماد اظهر کي ناڻي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري، وزير اعظم ملڪ ۾ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪري سگهڻ تي حفيظ شيخ کي هٽايو هو، ان حوالي سان حڪومتي ترجمان اطلاعات کاتي واري وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين ٽيم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فنانس جي نئين ٽيم جوڙي آهي.