پنهنجي سائنس .. ڪتيون ڇا آهن؟

0
229

 قديم زماني کان ئي آسمان ۾ موجود سمورن تارن مان تارن جو هڪ زبردست ميڙ هميشه الڳ ئي نظر ايندو هو. انهن کي ڪتين (Pleiades) جي نالي يا ستن تارن جو ميڙ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي تارن جو اهو ميڙ لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ سال اڳ ٺهيو هو. هن ۾ موجود هر تارو اسان جي سج کان لڳ ڀڳ 40 ڀيرا وڌيڪ چمڪدار آهي ۽ ايلسون (Alcyone) سڀ کان چمڪدار تارو آهي جنهن جي چمڪ اسان جي سج جي چمڪ کان هڪ هزار ڀيرا وڌيڪ آهي. صدين کان ڪتين جي مدد سان دنيا ۾ ماڻهن جي اکين جي چڪاس ڪئي ويندي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي هن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 6 تارا نظر اچن ته پوءِ اُنهن جي اکين جي روشني ٺيڪ مڃي ويندي آهي ۽ ستن کان وڌيڪ تارن کي ڏسڻ وارن کي سٺو جنگي سپاهي تصور ڪيو ويندو هو يا جاسوسي جو ڪم ورتو ويندو هو. قديم برطانيا جا ماڻهو ڪتين کي ڀوت سمهجندا هئا. سال جي جنهن رات اهي تارا آڌي رات جو آسمان جي سڀ کان مٿي واري حصي ۾ پهچي ويندا هئا اُن ڏينهن اهو مڃيو ويندو هو ته مري ويل ماڻهن جا روح ڌرتي تي هيٺ لهن ٿا. اهو به سمجهيو ويندو هو ته انهيءِ سبب جي ڪري اهو ميلو شروع ٿيو جنهن کي ڪڏهن سامهين (Samhain) سڏيو ويندو هو ۽ هاڻي هالووين (Halloween) جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ڊاڪٽر يوسف سومرو (انسٽيٽوٽ آف فزڪس، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو) يوسف سومرو جي فيس بوڪ وال تان ورتل)