احتساب ۽ انتقام ۾ فرق هئڻ گهرجي

0
252
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ايف آءِ اي فارين فنڊنگ ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر ۽ سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل سميت يارنهن ڄڻن کي نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن جي فيصلي مطابق ممنوعه فنڊنگ عرف  عام فارين فنڊنگ ۾ بي قاعدگيون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت انهي جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي کي هدايتون جار ي ڪيون هيون، جڏهن ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جو فيصلو به ڪيو آهي.اهو ته اڳتي هلي خبر پوندي ته سپريم ڪورٽ انهي ڊڪليئريشن کي قبول ڪري ٿي يا نه، پر ايف آءِ اي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر جيڪي اڳوڻا حڪمران هئا اهي هاڻي حاضريون ڀوڳيندا ۽ وضاحتون ڏيندا ۽ جيڪي اڳ ۾ اهي حاضريون ڀوڳي رهيا هئا اهي هاڻي حڪمران آهن.مطلب ته اسان جو نظام ڪو اڃا بدليو ناهي جيڪي حڪومت ۾ آهن اهي ڄڻ پاڪ پوتر ٿي ٿا وڃن ۽ جيڪي مخالف ڌر ۾ اچن ٿا، سڀئي خرابيون انهن ۾ نظر اچن ٿيون، جنهن ڪري اسان جي ادارن ۽ کاتن تي سدائين آڱريون کڄن ٿيون ته اهي آزادي سان ڪم ڪرڻ بدران سدائين حڪمرانن جي هدايتن تي عمل ڪندا آهن، جنهن سان ڪنهن به ريت شفافيت نه ٿي اچي سگهي۽ نه ئي ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي ٿو سگهي.اها ئي روش تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسان جي ملڪ جي نظام جي بدقسمتي رهي آهي ته احتساب جو نظام سدائين تڪراري رهيو آهي ۽ انهي کي هر حڪمران سياسي انتقام يا سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو آهي.جنهن سان نه ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿيو آهي نه ئي وري ذميوارن کي ڪڏهن سزا ملي آهي.جنهن ڪري سڪن سان گڏ ساوا سڙڻ وارو محاورو به عملي صورت وٺندي نظر ايندو آهي.اهو ته اسان جو ماضي رهيو آهي ته ڪيئن نيب زده ،نيب زادا بڻجي حڪمران پارٽين ۾ شامل ٿي ويا ۽ ڪي بيگناهه سالن جا سال جيلن ۾ سڙندا رهيا ۽ انهن تي ڪا حڪومت ٽڪي پئسي جي به ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهي. ان جو اهو مطلب ناهي ته ڪو ملڪ ۾ ڪرپشن نه پئي ٿئي يا احتساب جا ادارا ئي ختم ڪري ڇڏجن پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن جي شفافيت ۽ آزادي کي بحال ڪرڻ جون ڪوششون ڪجن.احتساب جو نعرو اڪثر ڪري اقتدار تي غير آئيني قبضو ڪندڙ آمرن جي دور ۾ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.هڪ طرف اهي آمر اقتدار تي پنهنجي قبضي کي جواز بخشڻ لاءِ اهو نعرو هڻندا آهن ته ٻئي طرف مختلف وقتن ۾ حڪومتن ۾ رهندڙ سياستدانن کي ڊيڄاري پنهنجي حمايت لاءِ مجبور ڪندا آهن.جڏهن هاڻوڪا حڪمران مخالف ڌر ۾ هئا ته  اهي به پنهنجي خلاف داخل ڪرپشن جي ڪيسن کي سياسي انتقام ڪوٺي رهيا هئا ۽ هاڻي جڏهن اهي حڪومت ۾ آيا آهن ته وري ان وقت جي حڪمرانن ۽ جيڪي هاڻي مخالف ڌر ۾ آهن انهن تي ڪيس کلڻ شروع ٿي ويا آهن.اهو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آيو آهي جنهن جي بنياد تي وفاقي حڪومت ايف آءِ اي کي فارين فنڊنگ جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي پر ڇا هي ڪيس ڪو اڄ جو آهي جو ايف آءِ اي ان کان اڳ هڪ اداري طور پاڻ جاچ نه پئي ڪئي ته ڪيئن ٻاهران غير قانوني فنڊنگ ٿي رهي آهي جيڪو ئي هن اداري جو ڪم آهي جنهن جي لاءِ ئي عوام جي ٽئڪس جي پئسن تي انهي اداري ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پگهارون ۽ رعايتون ملن ٿيون.

اسان سمجهون ٿا ته وقت اچي ويو آهي ته احتساب جي نعري کي سياسي مقصدن ۽ انجنيئرنگ ۽ انتقام کان بچائي شفافيت سان ادارن کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته جيئن ڪرپشن ۽ ممنوعه فنڊنگ جي ناسور کي روڪي سگهجي.جيڪڏهن هاڻي به ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهو احتساب سدائين تڪراري رهندو ۽ جنهن جو احتساب ٿيندو اهو انتقام جو الزام هڻي بچڻ جي ڪوشش ڪندو.