خانداني سنڌي آهيان، ڪجهه نوان قومپرست صوبي ۾ شيطان گيري پيا ڪن:آغا سراج دراني

0
433

جيڪب آباد: وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪجهه نوان قومپرست اڳواڻ سنڌ ۾ شيطان گيري ڪري رهيا آهن

جيڪب آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آغا سراج دراني چيو ته جلال محمود شاهه، اياز لطيف، ڊاڪٽر قادر مگسي،بشير خان قريشي ۽ ٻيا پراڻا قومپرست خانداني آهن

هن چيو ته نوان قومپرست اڳواڻ 500 رپين واري موبائل ملڻ تي پراڻن اڳواڻن کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ اهڙو عمل ڪن ٿا

آغا سراج دراني چيو ته نيب ريفرنس ۾ هڪ به ثبوت مون خلاف ناهي مليو پر پوءِ خاندان سوڌو ڪيس ڀوڳيان پيو، پاڪستان جو واحد شخص آهيان جيڪو جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهيان