پشاور جي قومي تڪ تي عمران خان جو اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور سان مقابلو

0
236
غلام احمد بلور جو شڪست

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پشاور جي قومي تڪ تي عمران خان جو اي اين پي جي حاجي غلام احمد بلور سان مقابلو، چارسده جي سيٽ تي عمران خان جي مقابلي ۾ اي اين پي جو ايمل ولي ميدان ۾ لٿل آھي

مردان جي قومي تڪ تي جي يو آءِ جي مولانا محمد قاسم جو عمران خان سان دنگل، فيصل آباد ۾ نون ليگ جو عابد شير علي عمران خان خلاف ميدان ۾ لٿل آھي

 اين اي 118 ننڪانه تي نون ليگ جي ڊاڪٽر شذره منصب جو عمران خان سان مقابلو، ڪراچي جي اين اي 237 ملير تي پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ ۽ ٻين جو عمران خان سان مقابلو آھي

 ڪراچي جي ٻئي تڪ اين اي 239 ڪورنگي تي ايم ڪيو ايم جو نيئر رضا عباس ۽ ٻيا عمران خان خلاف ميدان ۾ لٿل آھن

پشاور جي قومي تڪ اين اي 31 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران بيلٽ پيپرز جون تصويرون وائرل

پشاور جي قومي تڪ اين اي 31 تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ دوران بيلٽ پيپرز جون تصويرون وائرل ٿي ويون آھن

 صوبائي اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس ورتو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته بيلٽ پيپرز جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، معاملي جي جاچ ڪرائڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي پولنگ جاري

مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو ملتوي ڪيو:سنڌ حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کي چوٿون خط