قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي پولنگ جاري

0
251
اڄ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو
اڄ پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو

ڪراچي(م ڊ) قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ شروع ٿي وئي آهي، پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي

ڪراچي، ملتان، مردان، چارسده، پشاور، فيصل آباد ۽ ننڪانه ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ننڍي چونڊ ٿي رهي آهي

ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 139 شيخوپوره، پي پي 209 خانيوال ۽ پي پي 241 بهاولنگر تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان پاڻ قومي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي اميدوار آهي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهرابانو ملتان جي تڪ اين اي 157 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار آهي، جنهن جو مقابلو يوسف رضا گيلاني جي پٽ سان آهي

Qureshi's daughter, Gilani's son vying for NA-157 Multan seat

قومي اسيمبلي جون 8 سيٽون پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفيٰ سبب خالي ٿيون هيون،  سمورن تڪن جي سڪيورٽي لاءِ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ تڪن ۾ قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

اليڪشن کانپوءِ نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏينداسين:وڏي وزير جو اعلان

مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو ملتوي ڪيو:سنڌ حڪومت جو اليڪشن ڪميشن کي چوٿون خط