آمريڪا پنهنجي بيان تان ڦري ويو، پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي اعتماد جو اظهار

0
266
آمريڪا پنهنجي بيان تان ڦري ويو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي سخت موقف کانپوءِ آمريڪا پنهنجي بيان تان ڦري ويو، آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته ايٽمي اثاثن جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي عزم تي اعتماد آهي

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي صدر جوبائيڊن جي پاڪستان بابت بيان تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته صدر جو بائيڊن يقين رکي ٿو ته محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان آمريڪي مفادن لاءِ تمام ضروري آهي

آمريڪي اسٽيٽ آفيس جي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته هو پاڪستان سان ڊگهي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، آمريڪا پنهنجي ايٽمي اثاثن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي عزم تي يقين رکي ٿو

ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر جو هڪ بيان سامهون آيو هو، جنهن ۾ هن پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي غير منظم قرار ڏنو هو، جنهن ۾ پاڪستان سميت روس ۽ چين به شامل هئا

آمريڪي صدر جي بيان کانپوءِ سڀ کان پهرين پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٽويٽ ڪندي آمريڪي صدر کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو هو ته توهان کي ڪهڙِي خبر آهي ۽ ڪهڙي بنياد تي بيان ڏنو آهي ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا غير محفوظ آهن

عمران خان جي بيان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪي صدر جي بيان کي رد ڪندي چيو هو ته پاڪستان جا ايٽمي اثاثا مڪمل طور محفوظ آهن ۽ عالمي قانونن موجب اسان جا ايٽمي اثاثا ملڪ جي سالميت لاءِ آهن ۽ ڪنهن ملڪ خلاف جارحيت لاءِ نه آهن

ھي به پڙھندا

پاڪستان خطرناڪ ملڪ قرار: اسلام آباد جا ايٽمي هٿيار غير منظم آهن: امريڪي صدر