ٻيهر شاديءَ بابت سوچي رهي آهيان: سائرا يوسف

0
433
ٻيهر شاديءَ بابت سوچي

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سائرا يوسف ٻي شادي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. تازو هڪ ڊجيٽل چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ سائره يوسف چيو ته مان ٻيهر شادي جو سوچي رهي آهيان

ڇاڪاڻ ته شادي خوبصورت هوندي آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته انسان اڪيلو ڇو رهي؟ هن چيو ته مان هڪ ماءُ آهيان ۽ منهنجي ڌيءُ وڏي ٿيندي ته هن جي پنهنجي ذاتي زندگي هوندي ۽ مان پنهنجي ڌيءُ کي مرضي موجب زندگي گذاريندي ڏسڻ چاهيان ٿي

هن وڌيڪ چيو ته زندگي ۾ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي جنهن سان زندگي سولي ٿي ويندي آهي