اسان پنهنجي مخصوص سيٽن تي ڪنهن کي به حلف کڻڻ نه ڏينداسين: علي امين گنڊاپور

0
48

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان پنهنجي مخصوص سيٽن تي ڪنهن  کي به حلف کڻڻ نه ڏينداسين، آئين جو تحفظ هر پاڪستاني شهريءَ تي فرض آهي

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پشاور ۾ ميڊيا سان  ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي حق لاءِ وڙهنداسين ۽ آخري حد تائين وينداسين

ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته اسان کان چونڊ نشان کسيو ويو ۽ اسان جون مخصوص سيٽون به نه ڏنيون ويون، مخصوص سيٽن واري معاملي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، اڄ رات 8 وڳي اسان جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس آهي، اجلاس ۾ وڏا فيصلا ڪنداسين