ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، واپارين ۽ شهرين جو ڌرڻو

0
46
ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، واپارين ۽ شهرين جو ڌرڻو
ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، واپارين ۽ شهرين جو ڌرڻو

ڪوٽڙي ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، واپارين ۽ شهرين ڪوٽڙي اوور هيڊ برج تي بدامني خلاف ڌرڻو هنيو

واپارين جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال بعد شهرين ڌرڻو هڻي نيشنل هاءِ وي کي بند ڪري ڇڏيو

 ڌرڻي سبب ڪوٽڙي ڄامشورو روڊ مڪمل طور بند ٿي ويو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون

 مظاهرين چيو ته ٻن مهينن دوران ڦر جا 50 کان وڌيڪ واقعا پيش آيا آهن، پوليس ڪا به ڪارروائي ڪرڻ بدران ننڊ پيل آهي

مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، ڏوهي وارداتون وڌي ويون آهن، شهر ۾ فوري طور امن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو