منهنجي گهر واري کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو آهي: عمران خان

0
58

پي ٽي آءِ باني عمران خان الزام هنيو آهي ته منهنجي گهر واري کي بني گالا ۾ زهر ڏنو ويو آهي، سندس زبان ۽ کل تي نشان آهن، بشريٰ بي بي جو شوڪت خانم اسپتال مان فوري ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي

پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران چيو ويو ته بني گالا کان اڊيالا جيل تائين سموريون شيون ڪنٽرول ڪيون پيون وڃن

عدالت ۾ عمران خان وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي کي زهر ڏيڻ واري معاملي جي انڪوائري ڪرائي وڃي

بشريٰ بي بي به صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شب معراج واري ڏينهن منهنجي کاڌي ۾ هارپيڪ جا 3 قطرا ملائي ڏنا ويا، جاچ مان خبر پئي ته هارپيڪ سان هڪ مهيني بعد طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي

هن چيو ته مون کي اکين ۾ سوڄ ۽ سيني ۽ معدي ۾ تڪليف ٿئي ٿي، کاڌو ۽ پاڻي به ڪڙو لڳي ٿو، مون کي جيل ۾ کاڌي ۾ هارپيڪ ملائڻ جي ڳالهه جنهن ماڻهو ٻڌائي ان جو نالو ٻڌائينديس