اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي ڌمڪين وارا شڪي خط ملڻ جو انڪشاف

0
48
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي ڌمڪين وارا شڪي خط ملڻ جو انڪشاف
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججز کي ڌمڪين وارا شڪي خط ملڻ جو انڪشاف

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججز کي ڌمڪين وارا شڪي خط ملڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ذريعن موجب هڪ جج جي اسٽاف خط کوليو ته ان مان پائوڊر نڪتو، پائوڊر جو جائزو وٺڻ لاءِ پوليس جي ماهرن جي ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

عدالتي ذريعن موجب خط اندر ڌمڪيون ڏيندڙ نشان به موجود آهي، ذريعن موجب ريشم نالي هڪ عورت پنهنجي ايڊريس ڄاڻائڻ کانسواءِ ججز ڏانهن اهي خط اماڻيا آهن

عدالتي ذريعن موجب خط کولڻ بعد هڪ ملازم جي اکين ۾ ساڙو شروع ٿي ويو، ملازم فوري طور سينيٽائيزر استعمال ڪيو ۽ پنهنجا هٿ ۽ منهن ڌوتو

 خط ۾ موجود متن تي اينٿريڪس لفظ به لکيل هو، شڪي خط ملڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڊي آءِ جي کي طلب ڪري ورتو