پرامن چونڊن جو خواب حقيقت ۾ تبديل ٿي سگھندو ؟

0
155
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

   بلدياتي چونڊون ھجن يا عام چونڊون ٿين انھن ۾ پرتشدد واقعن دوران بي گناهه ووٽرن ۽ سياسي ڪارڪنن جو مارجي وڃڻ ڄڻ ڪو عام رواجي واقعو ھجي،اليڪشن ڪميشن توڙي وفاقي يا صوبائي حڪومتن ڪڏهن به ذميواري قبول ناهي ڪئي. ملڪ جي 75 سالن جي تاريخ ۾ ٿيل سڀئي چونڊون تڪراري رھڻ سان گڏوگڏ سياسي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جي رت سان رڱيل رھيون آھن. سنڌ جي 14 ضلعن ۾ پھرين مرحلي تي ٿيل مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. ضلعي ڪائونسل توڙي ميونسپل ڪارپوريشن ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪاؤنسل تي پنھنجن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي ورتو آهي. چونڊن جو ٻيو مرحلو ايندڙ جولاءِ مھيني جي 24 تاريخ تي مڪمل ٿي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ اھي ادارا باضابطا طور فنڪشنل ٿي ويندا. ھاڻي ھتي پھريون سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊون پرامن طريقي سان ٿيڻ بجاءِ پرتشدد واقعن ۽ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ڇو مڪمل ٿيون آهن؟ ليڪن اليڪشن ڪميشن ۽ سنڌ حڪومت اھا ذميواري کڻڻ جي لاءِ تيار ناهن ته پھرين مرحلي تي ٿيل چونڊن ۾ خونريزي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ اپاءَ ڇونه ورتا ته جيئن اھڙن واقعن کي روڪي سگھجي ها.

حيقيت ۾ ڏٺو وڃي ته گذريل اپريل جي آخر ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان 14 ضلعن بابت شيڊول جاري ڪري ڇڏيو ھو ته مقامي سطح تي سياسي مذهبي قومپرست جماعتن پنھنجن اميدوارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏيندي کين ميدان تي لاهي ڇڏيو. شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھڪ طرف چونڊن جو چھچٽو شروع ٿي ويو ته وري گھر گھر ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا ان حد تائين جو گھوٽڪي جا مھر سردار ضلعي جي پڳ حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي جي سامھون اچي ويا. ساڳي طرح باقي ضلعن ۾ اھڙو ساڳيو حال رهيو ھر ڪنھن انھن چونڊن کي پنهنجي عزت غيرت جو مسئلو بنائي ڇڏيو ته ھر صورت ۾ انھن چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. ان جي لاءِ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جا اڳواڻ اسلام آباد ۽ ڪراچي کي ڇڏي تڪن ۾ پھچي ويا ۽ چونڊ ورڪ شروع ڪرائي ڏني ته لاڙڪاڻو ، گھوٽڪي سميت باقي ضلعن مان سياسي مذهبي قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ جا اطلاع اچڻ لڳا ته پولنگ واري ڏينهن خونريزي سميت پر تشدد جا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ اھي خدشا حقيقت ۾ صحيح ثابت ٿي ويا. پھرين مرحلي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ڪيئي زخمي ٿي پيا ته پولنگ اسٽيشنن جي اندر پولنگ جي عملي کي يرغمال بنائڻ بيلٽ پيپر ۽ بيلٽ باڪس کڻي وڃڻ جا واقعا پڻ ٿيا.

مخالفن سنڌ حڪومت تي ڌانڌلين جا الزام لڳائي ڇڏيا آهن ته پوليس کي استعمال ڪري زوري ٺپا ھڻي پنھنجن اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو آهي. ھاڻي ھتي ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته 24 جولائي تي ٻئي مرحلي تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزنن جي باقي رھجي ويل ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن کي پر امن بنائڻ جي لاءِ اڳواٽ اپاءَ ورتا ويندا ته جيئن پولنگ وارو عمل  امن سان مڪمل ٿي سگھي؟ جنھن جا امڪان  نظر ايندي نه پيا اچن. ڪراچي ۽ حيدرآباد تي پنھنجو حق سمجھندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان ماضي وانگي ھن دفعي به چونڊن جي پولنگ واري ڏهاڙي کان پھرين وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي مڪاني نظام جي قانون ۾ پنھنجي مرضيءَ جي مطابق ترميم ڪرڻ لاءِ ھن وقت کان بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته پولنگ ڏھاڙي کان پھرين ترميم نه ڪئي وئي ته ھو وفاق ۾شھباز حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڏيندا. ھوڏانھن پيپلزپارٽي ڪڏهن به نه چاهيندي ته اھي وڏا ٻئي شھر توڙي باقي ضلعا سندس ھٿن مان نڪري ھليا وڃن، ان لاءِ امڪان اهو ئي پيدا ٿي سگهي ٿو ته 14 ضلعن ۾ ٿيل چونڊن جي مقابلي ۾ ڪراچي حيدرآباد سميت باقي ضلعن ۾ پرتشدد جا واقعا پيش اچي سگھن ٿا جڏھن ته جماعت اسلامي پي ٽي آئي ڪڏھن به نه چاھيندا ته ڪراچي سندن مخالفن جي ھٿن ۾ اچي.

بحرحال بحث ان ڳالهه جو آهي ته آخر ڪار بلدياتي چونڊون ھجن يا عام چونڊون ٿين اھي پرامن ممڪن ڇو نه ٿيون ٿي سگهن؟ اھو پرامن  چونڊن جو خواب حقيقت ۾ ڪڏهن تبديل ٿي سگھي ٿو. ان جو سڀ کان پھرين اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪرڻ سان گڏ وقت جي حڪمرانن ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي ذميوار قرار ڏيڻو پوندو ته جيڪڏهن ڪنهن به شھر يا ڳوٺ ۾ پولنگ ڏھاڙي ڪنھن به قسم جو واقعو پيش آيو ته ان جي سموري ذميواري لاڳاپيل انتظاميه ۽ وقت جي حڪمرانن تي پوندي، کين سزا کي منھن ڏيڻو پوندو، باقي ماضي وانگر اليڪشن ڪميشن اکيون بند ڪري ڇڏيون ته پوءِ پرامن چونڊن جو خواب خواب رھجي ويندو .

ماضي ھجي يا موجوده اليڪشن ڪميشن ھجي ان جي ساک تي به ھميشھ سوال پيدا ٿيندا رهيا آهن. ھن وقت پنجاب ۾ 20 جي لڳ ڀڳ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي مھم جي دوران پي ٽي آئي سڌي طرح اليڪشن ڪميشن تي جانبداري جا الزام لڳائي ڇڏيا آهن ته ڪميشن پنجاب حڪومت سان ملي وئي آهي،پنجاب اسيمبلي جي ننڍي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ويندي. عمران خان ته حڪومت ۾ ھئڻ ۽ نڪرڻ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر تي پڻ نواز ليگ جو حامي ھئڻ جا الزام لڳائي ڇڏيا آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن نواز ليگ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ڪامياب ٿي اچي ته به پي ٽي آئي چونڊ نتيجا قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه ٿيندي ته پوءِ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا مخالف چونڊ نتيجن کي ڪيئن قبول ڪندا. حالانڪه ٿيڻ ايئن کپي ته اليڪشن ڪميشن جي لاءِ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ھجن يا پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ھجي ان کي ٽيسٽ ڪيس طور سامهون رکندي ايندڙ سال رٿيل عام چونڊن لاءِ ھن وقت کان وٺي اھڙا قدم کڻڻ گهرجن جنھن سان صاف شفاف جو عمل مڪمل ٿئي ته جيئن ان جي مٿان ڪير آڱر کڻي نه سگهي.