مافيا راڄ يا جهنگ جو قانون

0
251
سياستدان ايڏا ڪمزور ۽ مجبور ڇو آھن؟

پوري دنيا لاءِ سڀ کا خطرناڪ لفظ مافيا آھي هن لفظ جي ٻڌڻ سان ذھن ۾ عجيب قسم جا خيال اچڻ  شروع ٿي ويندا.جيئن اکين آڏو کنڊ غائب ٿيندي نظر ايندي آھي تيل گيھه جون قيمتون وڌندي محسوس ٿينديون آھن. اٽي جون ٻوريون ٽرڪن ۽ ٽرالرن تي نظر اينديون آھن. ڀاڻ افغان بارڊر تي پيل نظر ايندو آھي. اليڪشن جي شفافيت تي آڱريون کڄندي نظر ايديون آھن. بيگناهن کي وچ رستي تي ڪهڻ جا عڪس اکين آڏو تري ايندا آھن. سچ سولي تي چڙهندي محسوس ٿيندو آھي. اسپتالن مان دوائون گم ٿيڻ جا ڏيک ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٿاڻن مان رڙيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون نه صرف اهو پر ان لفظ جي هيبت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو ظلم ڏاڍ ۽ جبر اکين آڏو ڏسڻ باوجود اکيون بند ڪري خاموش رهڻ يا وري اتان ڀڄڻ کي جان بخشي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. آخر ۾ پنهنجي دلي تسلي لاءِ اهو چئي خاموش ٿي وڃون ٿا ته ان مافيا سان مقابلو نٿا ڪري سگهون.

  هن وقت زندگي جي هر شعبي ۾ ان مافيا جو تمام وڏو اثر آھي. مافيا هڪ اهڙو گروھه آھي جيڪو احساس جهڙي ڪيفيت کان عاري هجي ٿو. سندس اصل مقصد پنهنجو پاڻ کي فائدو پهچائڻ آھي. ڪنهن جي مرڻ جيئڻ ڏک سک سان سندس ڪو به تعلق ناهي هوندو. مافيا اصل ۾ هڪ سوچ جو نالو آھي جنهن جا ڪردار ننڍڙي گهٽي کان شروع ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پکڙيل آھن. مافيا جو هر فيصلو پنهنجي مفادن جي بقا لاءِ هوندو آھي. مافيا جي قائدن ۽ جهنگ جي قانون ۾ ڪو خاص فرق ناهي.

ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون هت جهنگ جو قانون آھي. ذھني وسعت گهٽ ھجڻ ڪري ان جهنگ جي قانون واري پرولي کي پرکڻ ۾ ڪجھه مشڪلاتون پيش پئي آيون. نيٺ وقت جي مشڪل مشاهدن تلخ تجربن مختلف اڀياسن مان گذري ان مخفي راز کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر اهو ڪهڙو ڪارو قانون آھي جنهن جي هيبت جي هاڪ جي گونج انساني سماج ۾ به موجود آھي. ڪڏھن ڪڏھن ويهي اهو سوچيندو هيس ته جهنگ ۾ نه ڪو انسان آھي نه وري ڪا فوج پوليس يا وري ڪا مقدس عدليه تنهن هوندي به جهنگ جي قانون جو ذڪر هر پوڙھي پڪي  مرد توڙي ماين جي زبان تي ڇو رٽيل آھي؟ وقت گذرڻ سان گڏ آھستي آھستي ان جهنگ جي قانون جي حقيقت سامهون ايندي وئي. آخرڪار اها سڌ پئي ته جهنگ هڪ اهڙي دنيا آھي جتان جو بادشاھه ڪو ظالم جابر بي قياس طاقتور جانور ئي هجي ٿو جيڪو پنهنجي طاقت جي زور تي ڪنهن به ڪمزور کي جڏھن چاهي چيري ڦاڙي نيست و نابود ڪري سگهي ٿو مجال آھي سندس رعيت کي جو سندس ظالماڻي عمل تي احتجاج ڪن يا افسوس جو اظھار ڪن. جهنگ جي قانون جو باريڪ بيني سان اڀياس ڪجي ته ڪجھه عجيب حقيقتون نظر اينديون. جهنگ ۾ موجود هر جيو پنهنجي بقا جي جنگ جوٽيون ويٺو آھي. هرڪو پنهنجي فڪر جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو. انائن جي ور چڙھيل جهنگ جي سماج ۾ ٻين لاءِ احساس جو نانءُ نشان به ناهي. هر ڪو ڏاڍ جبر ۽ خوف جي ماحول ۾ پنهنجي پاپي پيٽ  ڀرڻ جي جستجو ۾ مصروف لڳو پيو هوندو آھي.

رشتن مٽي مائٽي دوستي ياري خلوص جهڙي احساس کان وانجهيل جهنگ جي قانون کي ته ڪجھه نه ٿو چئي سگهجي پر اڄ جي انساني معاشري تي سراسري نظر گهمايون ته لڳ ڀڳ ماحول ساڳيو جهنگ جي قانون وارو نظر ايندو فرق صرف اهو آھي جو جهنگ ۾ احساس محبت خدمت ۽ مهذب پڻي جي اجائي هام ناهي هڻبي پر انساني سماج ۾ اسين انسانيت ميٺ محبت برابري جي اجائي هام هڻي هڪ ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. حقيقت ۾ جهنگ کان به بدتر سماج اسان انسانن جو آھي  انساني سماج ۾ روز انسانيت جا ليڪا لتاڙيا وڃن ٿا. ڪڏھن عزتون پامال ٿين ٿيون ڪڏھن معصوم مکڙين کي مهٽيو وڃي ٿو ڪڏھن رنگ نسل ذات برادرين جي بنيادن تي اوچ نيچ جو معاشرو قائم ڪيو وڃي ٿو. انساني سماج ۾ پنهنجي ڪيل ڪوتاهين جو وڏي واڪي دفاع ڪيو وڃي ٿو وري ٻين جي عبادتن کي به شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آھي. ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي نظريا جوڙيا وڃن ٿا طاقتورن جي هم  خيالي سماج ۾ برابري جي تصور کي ختم ڪري ڇڏيو آھي ڪمزورن مٿان فيصلا مڙھيا وڃن پيا ڪنهن ڪمزور ۾ ايتري جرئت نه ٿي ٿئي جو انهن ظالمن آڏو سينو ساهي سگهي جي ڪو همت ڪري ٿو ته ان کي سڀ طاقتور گڏجي نهوڙي زير ڪندا آھن.

مساوي سماج نه هجڻ ڪري ڪٿي ڪٿي نفرت جو گهاٽو وڻ بدلي جي اڱڻ ۾ وڏو ٿيندو پيو وڃي. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ظاهر ٿيڻ شروع ٿيو آھي جو هن وقت سڄو سماج اخلاقي طور پستي جي راهه جو راهي ٿي پيو آھي. رنگ نسل ذات برادري ڪڌي رسمن ڪري گهڻن کي پنهنجن جون زندگيون تباهه ٿيندي نظر نه پيون اچن. طاقتور ڌريون سماج کي پنهنجي جوڙيل قانونن مطابق هلائڻ چاهن ٿيون اجائي ٺٺ ٺانگر ڪري هميشه ظالماڻا فيصلا مڙھيا وڃن ٿا. انا پرستي ڪري ذھنن ۾ بغاوت ويهجي وڃي ٿي جنهن جي ڪري غير اخلاقي گس استعمال ڪري ڪجھه ڌرين کي گهٽ ڏيکاريو وڃي ٿو. ڪارو ڪاري قبائلي جهيڙا خوني ويڙھه ڌاڙا ڦرون ڪرائي احساس جو سرعام قتلام ڪيو وڃي ٿو. سياسي مذھبي اختلاف رکندڙ ماڻھن لاءِ جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي. سماجي نا انصافيون انسان جي ذھن ۾ ڪاوڙ ڪروڌ ۽ بغاوت جو سبب ٿين ٿيون شايد اهو ئي سبب آھي جو اسان وٽ مافيا راڄ يا جهنگ جي قانون جو محاورو استعمال ٿئي ٿو.

انسان خوبين ۽ خامين جو مجموعو آھي.انسان جي سڀ کان وڏي خوبي اها آھي جو خالق کيس سڀني مخلوقن جو سردار ڪري پيدا ڪيو آھي. زمين جو سينو چيري پنهنجي لاءِ لڪل خزانا تلاش ڪري ٿو ته آسمان سان مٿو گسائي پنهنجي عظمت کي به ظاهر ڪري ٿو. ڪڏھن ڏونگر ڏاري خوشين جو سامان به ڪٺو ڪري ٿو ته ڪڏھن سمنڊ جي پيٽ مان موتي به ڳولي اچي ٿو. انساني بقا لاءِ نت نوان تجربا ڪري پنهنجي سرداري جو اعلان به ڪري ٿو.

مافيا راڄ يا جهنگ جي قانون مان ڇوٽڪاري جو واحد حل ملڪي قانون تي مڪمل عمل ۾ آھي. جمهوري ملڪ هجڻ ڪري جمهور جي فيصلي کي اکين تي رکجي. عدالتن مان فيصلا برابري جي بنيادن تي اچڻ گهرجن ڀل اهي فيصلا ڪنهن جي خلاف ئي ڇو نه اچن. ووٽ جو استعمال سرداري پيري ميري ۽ برادري نظام کان هٽي ڪارڪردگي جي بنيادن تي ڪيو وڃي. ووٽ جي پرچي خاطر ڪنهن جا مٿا نه ڦاڙجن. اجائي انا ڪاڻ ويڙھن کي ويران ڪرڻ کان پاسو ڪجي.جڏھن ايئن ٿيو تڏھن مافيا جو راڄ به ختم ٿي ويندو ۽ جهنگ جي قانون جو به خاتمو ٿيندو. باقي سسلين اٽلي جي مافيا جو ذڪر ڪڏھن ٻيهر ڪبو ته آخر اسان وٽ سسلين مافيا وارو محاورو به ڇو استعمال ٿيندو آھي.

[email protected]