پاڻي مسئلي تي سڄي سنڌ هڪ آهي

0
260
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڻي کانسواءِ انساني جياپو ممڪن ئي ناهي ۽ سنڌ جيڪڏهن ڪنهن هڪ معاملي ته سڀ اختلاف،رنجشون پاسي تي رکي سياسي جدوجهد ڪئي آهي ته اهو پاڻي جو معاملو آهي.پر ساڳئي وقت سنڌ سان جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي سڀ کان وڌيڪ زيادتي ٿي آهي يا ٿي رهي آهي ته اهو پاڻي ئي آهي جنهن ڪري هر دور ۾ انهي زيادتي خلاف سگهاري جدوجهد انهي پاڻي جي معاملي تي ئي نظر ايندي آهي.سنڌ اهو صوبو آهي جيڪو سنڌو درياءَ جو اصل والي وارث ۽ مالڪ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ پڇڙي جو صوبو آهي تنهن ڪري قانوني توڙي شرعي طور ان جي پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي.پر وفاق ۽ پنجاب سدائين ڏاڍمڙسي ڪري سنڌ کي پنهنجي انهي حق کان محروم رکيو آهي.

ڪڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا ڌاڙيل واهه ڪڍي سنڌ جو پاڻي چورايو ويندو آهي ته ڪڏهن ڊيم ٺاهي سنڌ جي پاڻي کي قيد ڪيو ويندو آهي.چشما جهلم لنڪ ڪئنال ٺاهڻ وقت اهو چيو ويو ته اهي ٻوڏ جي سيزن ۾ وهايا ويندا پر هاڻي ٻوڏ توڙي سوڪ ۾ اهي ٻئي ڪئنال ٻارهوئي وهائي سنڌ کي بنجر بڻايو ويو آهي. جڏهن ته اڃان به وڌيڪ ڪئنال ٺاهڻ جي منصوباندي ڪئي پئي وڃي جيڪا سنڌ کي ڪنهن به ريت قابل قبول ناهي. سنڌ اسيمبلي ٻه ڏينهن اڳ هڪ قرارداد پاس ڪئي آهي انهي قرارداد جي مخالف ڌر ۾ ويٺل جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم به حمايت ڪئي آهي.

قرارداد پنجاب ۾ جلالپور ۽ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ٺاهڻ خلاف پيش ڪئي وئي جنهن سان تقريبن 19 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو پيو وڃي. هڪ طرف سنڌ جي زرعي زمين ڏينهون ڏينهن غيرآباد ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف پنجاب جي بنجر زمين کي به آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. سنڌ اسيمبيلي جي قرارداد ۽ انجي وري مخالف ڌر طرفان حمايت  بهتر ڳالهه آهي ڇاڪاڻ ته پاڻي جو مسئلو ڪو رڳو حڪومت جو مسئلو ناهي پر اهو سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي جنهن تي سنڌ ۾ سياست ڪندڙ هر پارٽي توڙي سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي ڳالهائڻ گهرجي. سنڌسان پاڻي مسئلي تي زيادتيون هر دور ۾ ٿينديون رهيون آهن پر گهڻو ڪري اها چوري آمرن جي دور ۾ وڌيڪ ٿيندي رهي آهي،

جڏهن صوبن ۾ پاڻي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ 91 جو معاهدو ٿيو ته ڪنهن قدر اهو سمجهيو پئي ويو ته انهي زيادتي ۾ ڪا گهٽتائي ٿيندي پر ڪجهه سال انهي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ وري ان تي عمل ئي نه ٿيو  آهي ،ڪڏهن تاريخي فارمولي ته ڪڏهن ٽه رخي ورڇ جو فارمولو آڻي سنڌ کي پنهنجي حصي کان محروم رکيو ويو آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌ زرعي صوبو هئڻ باوجود بلوچستان ۽ ڪي پي جي ڀيٽ ۾ به وڌيڪ غير آباد زرعي زمين  سنڌ ۾ آهي. انهي صورتحال هوندي جيڪڏهن وڌيڪ ٻه ڪئنال سنڌ مان نڪتا ته سنڌ جا ماڻهوزراعت ته ٺهيو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به سڪي ويندا.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي پاڻي جي چوري يا ان تي ڌاڙي خلاف هر انهي ڌر کي  آواز اٿارڻ گهرجي، جيڪا سنڌ کي پنهنجو گهر سمجهي ٿي ۽ اتي سياست ڪري ٿي. سنڌ اسيمبلي جي اها قرارداد سنڌ جي عوام جو آواز آهي ۽ انهي آواز کي وفاقي حڪومت طرفان مان ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته  سنڌ جو عوام پنهنجي پاڻي تي ڪنهن به قسم جي زيادتي برداشت نه ڪندو.