سنڌ جو سياسي، معاشي ۽ سماجي الميو

0
396
قومي ڪانگريس سڏائڻ جي ضرورت

علي احمد ڪرد لاهور ۾ گھڻو ڪجھه ڳالهايو ۽ آخر ۾ سڀني مسئلن جو تَتُ ٻڌائيندي، واهه جي  ڳالھه چوندو ويو ته، “انٽليڪچوئل ڪلاس پوري ملڪ  سي ختم هوگيا هي، مڊل ڪلاس ۾ ڇوٽي قد ڪي لوگ بيٺي هوئي هين” سندس انهن لفظن تي مونکي ياد آيو ته،  هڪ  دفعي سوويت يونين ۾ روسي ٻوليءَ جو ڪلاس وٺندي، پروفيسر ايرينا باريسِوِنا ٻن لفظن انٽيليجنشيا ۽ انٽليڪچوئل ۾ فرق متعلق ڇا ته ليڪچر ڏنو هو.

  جڏهن  “انٽيليجينشيا” ۾ هن عقلي پورهيو ڪندڙ عالمن کي  شامل پئي ڪيو ۽ انٽليڪچوئل ڪلاس ۾ ڊگري رکندڙ تعليمدانن کي، تڏهن عراق جي ڪُرد شاگردياڻي ويداد کيس سوويت ڪميونسٽ ليڊرشپ مان ان جو ڪو مثال ڏيڻ لاءِ چيو ته هن، بنا ڪنهن رک رکاءَ جي لينن، اسٽالن ۽ بخارين کي روسي انٽيليجينشيا ۾ شامل ڪندي، برزنيف ۽ گورباچوف کي انٽليڪچوئل ڪميونسٽ سڏيو هو، ۽ پوءِ ھن روسي اديبن ۽ شاعرن جي به اهڙي درجي بندي ڪري ٻڌائي ۽ سندن  لاک لاٿي جو اسان دنگ رهجي وياسون. هن گورڪي کي روس جو انٽليڪچوئل ۽ مايا ڪووسڪي کي انٽيليجينشيا گروپ ۾ رکيو هو.

پاڪستان ۾ به جيڪڏهن گذريل پنجهتر سالن جو اهڙو اڀياس ڪبو ته وڏن نامي گرامي تعليم يافته ماڻھن، سماجي شخصيتن، اديبن ، سياستدانن ۽ سياسي ورڪرن جي درجي بندي آسان ٿي پوندي جتي intellectual طبقو گهڻو ۽ intellegentia ۾ ڳاڻ ڳڻيا ماڻھو مس ملندا ۽ علي ڪرد جي ڳالھه سورنهن آنا سچ ثابت ٿيندي.

پياري پاڪستان وانگر سونهاري سنڌ جي سياسي  معاشي ۽ سماجي صورتحال به ڏينهون ڏينهن بگڙجندي ۽ خراب ٿيندي وڃي ٿي. اسلام آباد وانگر زندگي جي هر ڪار وَنهوَارَ ۾ ڪراچي به ڄڻ سَنڍِ بڻجي چڪي آھي، ڀلي ڪنهن کي چڙ لڳي يا ناراض ٿئي پر حقيقت اها آھي ته سنڌ اندر  سياستدان گدڙ ۽ گيدي، مذھبي عالم، خطرناڪ فرقي پرست ۽ ترقي پسندي جي نالي ۾ ڇسا ۽ بداخلاق انٽليڪچوئل ڳاڻيٽي کان ٻاهر پيدا ٿي چڪا آھن جيڪي کُلم کُلا سنڌي عوام جو سياست،  مذھب، صوفيت ۽ مارڪسزم  جي نالي ۾، سياسي سماجي ۽ ذھني استحصال ڪرڻ سان گڏ فتوائون جاري ڪري عوام جي سياسي معاشي ۽ ذھني ترقي جي راهه ۾ اڻ سڌيون رڪاوٽون وجهي رهيا آھن.

زميني حقيقتون ڪهڙيون آھن معروضي حالتن ۾ سنڌ  ڪٿي بيٺل آھي، انهن بنيادن تي ملڪ اندر ۽ ريجن ۾ ڪهڙيون تبديليون اچڻ واريون آھن، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي ڪهڙي تياري يا ڪهڙو طريقه ڪار اختيار ڪرڻ گھرجي، اهڙن معاملن مٿان ڪنهن به سطح تي ڪنهن به قسم جو ڪو به غور ويچار ڪونه پيو ٿئي. حڪومت، سياسي پارٽيون، مذھبي عالم، سياسي ۽ سماجي ورڪر، معاشي ماهر، تعليمدان ۽ بيوروڪريٽ  سڀ جو سڀ رڳو ڪم ڪَڍُو. اهڙي طرح مٿيان سڀ گروهه انٽليڪچوئل يا elite ڪلاس جو حصو آھن.

نوجوان پڙھيل طبقو ته تباهه ڪُن ۽ افسوناڪ ردعمل جو شڪار ٿي چڪو آھي جتي سماج ۽ سياست سان واڳيل ڪنهن به معاملي تي هن جو رد عمل خطرناڪ حد تائين غير منطقي ۽ غير سنجيده ڏسڻ ۾ اچي رهيو آھي. غور ڪبو ۽ ڏسبو ته اها ڳالھه حقيقت معلوم ٿيندي ته سنڌ جي سوشل ميڊيا تان صبح کان شام تائين روزانو ٻن ٽن هزار صفحن تي مشتمل  فضول ڳالهين ۽ بي وقوفاڻي گپ شپ جو هڪ وڏو  ڪتاب ترتيب ڏيئي سگهجي ٿو.

سوشل ميڊيا تي کيتي ۽ مزدوري کان سواءِ هر ڪو ماڻھو هر ڪم جو ڄاڻو نظر اچي رهيو آھي، ڇاڪاڻ ته اسان جي اڪثريت عصري علمن جو اڀياس ڪرڻ ۽ انهن کي پڙھڻ ڇڏي ڏنو آھي.

سائنس جا مضمون ته پري جي ڳالھه پر اسان ته تاريخي سياسي ۽ سماجي مضمونن کي به هٿ لائڻ ڇڏي ڏنو آھي. تنهنڪري اسان جو هر عمل  پاڻي جي ڦوٽي وانگر ٿوري دير ۾ وهامي وڃي ٿو.  ڪنهن دور ۾  اسان جو علم سوشلزم معنى “ٽپڙ ورهايو” ۽ جمهوريت معنى “ڪم نه ڪيو” تائين محدود هو، پر ان محدود سوچ به جڏهن زور ورتو  تڏهن پاڪستان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آئي جنهن ملڪ جي هر شعبي کي هيٺ مٿي  ڪري وڌو، تعليم عام ٿيڻ لڳي پر ذھني جهالت به وڌڻ ويجھڻ شروع ڪيو. سياست ڊرائنگ روم مان نڪري گھٽين ۾ ته آئي پر سياسي خريد فروخت جو رواج به عام ٿيڻ شروع ٿيو ۽ پارٽين جي اندر مار ڌاڙ  متعارف ٿي.

  پاليٽڪس ۽ سياسي مراعات سبب، بي لغام بيوروڪريٽ، وڏيري ۽ مولوي ته جنم ورتو پر پڙھيل طبقي جو به هڪ اهڙو  گروهه پيدا ٿيو جنهن فاشسٽ لاڙن کي وجود ڏنو. هن وقت هر بهتر ڳالھه کي رد ڏيڻ اسان جي gene ۽ رت ۾ شامل ٿي چڪو آھي. سماجي ۽ سياسي ڀلائي ڏانهن وک وڌائڻ لاءِ اسان مان هرڪو پنهنجا پيروڪار ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آھي ۽ خود غرضي کي پاڻ تي غالب ڪري ڇڏيو اٿئون.  اسان جي انهن عملن عام ماڻھو جي سورن ۾ اضافو ڪيو آھي.

ورهاڱي کان پوءِ پنجهتر سالن جي سنڌ جي صورتحال جو گهري نظر سان جائزو  وٺبو ته معلوم ٿيندو ته عملي طور چار پنج گروهه، زميندار، پير، مولوي، وچولو مڊل ڪلاس پڙھيل طبقو ۽ بيوروڪريٽ پيداواري ذريعن سان گڏ عوام تي سياسي ۽ سماجي طور مڪمل قابض ٿي چڪا آھن. ملڪ جي سياسي وايو منڊل کان هٽي ڪري جيڪڏهن انهن گروهن جي ڪرتوتن کي جاچبو ته معلوم ٿيندو ته مُني صديءَ کان هتان جو عام ماڻھو مسلسل سندن سياسي ڏاڍ ۽ لاقانونيت جو شڪار ته ٿيندو اچي ٿو پر هن دور ۾ سندن ڏاڍ ۽ بربريت ۾ وڌيڪ واڌارو ٿيو آھي.

 سنڌي عوام جي مِڙنِي موجوده تڪليفن جا سڌا سنوان جوابدار مٿيان گروهه ته آھن ئي آھن پر عام ماڻھن سان اسان جي پڙھيل ڪلاس به ترقي پسندي جي نالي ۾  اَلآمان جو ڪِي ڪِيس ڪيا ۽ وَيلَ وَهايَا، پڙھيل طبقي جي منافقي، ڦرڻي گهرڻي طبيعت، لالچ، لوڀ ۽ ڊبل ڪراس وارن پاليسين هر طرح سان سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانھي ڇڏي.

اسان جو انٽليڪچوئل  طبقو پنهنجي اهڙي سوچ سان مارڪسيت ۽ ترقي پسندي جو غلاف چاڙھي دراصل عوام ۽ نوجوان نسل سان ڌوڪو ڪري رهيو آھي. ياد رکڻ گھرجي ته مارڪسزم بنيادي طور شھري فلسفو آھي جيڪو سماج ۾ سرمائيداراڻي نظام کان پوءِ متعارف ٿي سگهي ٿو. روسي انٽيليجنشيا لينن جي سربراهي ۾ ان جون وڌيڪ تشريحون ڪري،  سوويت ڪميونسٽ حڪومت جو بنياد رکيو هو، جن مان ڪيتريون ئي تشريحون متروڪ ٿي چڪيون آھن. لينن رياستي قبضي ۾ ورتل زمينون ٿوري گهڻي ترميم سان نيو اڪنامڪ پاليسي جي نالي ۾ مالڪن کي واپس ڪيون هيون. سندس پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ وارو نظريو سٺ واري ڏهاڪي ۾ خروشوف ختم ڪيو هو ڇاڪاڻ  ته  هر نظريي جي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ ضرورت هوندي آهي.

اسان جي نوجوان کي مارڪسزم ليننزم جو ٻيهر مطالعو ڪرڻ کپي، ان نظر سان ته اهو شھري فلسفو ۽ سرمائيداراڻي نظام جو ترقي وارو ڏاڪو آھي. شھرن ۾ رهي سنڌي سماج کان ڪٽجڻ ترقي پسندي جي زمري ۾ نه ٿو اچي سگهي. سوشل ميڊيا تي ٻه گاريون لکڻ ۽ پڙھڻ کي سياسي  سجاڳي سان تعبير هرگز نه ٿا ڏيئي سگهون. سياسي سجاڳي لاءِ تعليم ۽ تنظيم جي ضرورت هوندي آھي. تنظيم مان منهنجي مراد انگريزي لفظ آرگنائيزيشن آھي. جناح صاحب وارو discipline نه.  اهڙي طرح ورهاڱي کان پوءِ  ويندي ون يونٽ ۽ اسي واري ڏهاڪي تائين واري دور کي سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور شمار ڪري سگهجي ٿو. باقي پوءِ سياسي ۽ سماجي افراتفري وارو دور آھي ۽ بس. نوجوانن مان تعليم وئي ۽ پارٽين مان تنظيم.

ورهاڱي کان اڳ ۾ سنڌ جو اڪثر زميندار طبقو اڻپڙھيل هو، زمينداري ۽ ڍل ڀرڻ جي بنيادن تي، انگريز کين ووٽ جو حق ڏنو هو انهن مان ڪجھه ڄڻا ان وقت جي بمبئي ڪائونسل، وائسراءِ ڪائونسل يا لوڪل بورڊ جا ميمبر ٿيندا هئا. سنڌ کي صوبائي حيثيت  ملڻ کان پوءِ اهو طبقو سنڌ جي سياست تي مڪمل حاوي به ٿي ويٺو پر اڻپڙھيل هجڻ سبب سندن دل ۾ خدا جو خوف ھو، سماج جي طعنن تُنڪَنَ جي ڊپ سبب ايترا ڪرپٽ ۽ بي ايمان ڪونه هئا، هندو سيٺ کان وياج تي قرض ته کڻندا هئا پر سرڪاري پئسي ۾ گهٽ خيانت ڪندا هئا، عوامي ڀلائي کان ڪوهين ڏور پنهنجا پيٽ ڀرڻ واري خفت سان سرشار هئا، موقعي پرست هئا،  لالچ لوڀ سان گڏ ھر ميران رعيت سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ باوجود ايترا بي ايمان ۽ ڪرپٽ ڪونه هئا.

خيانت نه ڪرڻ جو هڪ سبب انگريز جي ڪامورا شاهي نظام جو دٻدٻو به چئي سگهجي ٿو پر ان ڪامورا شاهي کي اڄ جي ٻولي ۾ good governance سڏجي ته ھرگز غلط نه ٿيندو. ورهاڱي کان پوءِ بنگلا ديش ٺھڻ تائين، ملڪ۾ اهڙي “سٺي حڪومت” ھلائڻ جو نفسياتي اثرقائم رهندو آيو جڏهن ڪوٽار ۽ بيلدار به ڪامورن جي لسٽ ۾ ليکيا ويندا هئا، تنهنڪري ان دور تائين روينيو جون سرڪاري توڙي خانگي زمينون ۽ سنڌ جو آبپاشي نظام ڪنهن به ڏاڍي جي دستبرد کان بچيل رهيو.

هي ڪرپشن، مذھبي ڪٽرپڻو، عورت کي ٻئي درجي جو شھري سمجھڻ، عوام کي قوم بدران ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهائڻ ورهاڱي کان پوءِ جون سياسي بدعتون آھن، جنهن وڏو نقصان  پاڪستان جي عورتن کي پهچايو آھي، عورت جي آزادي سان وڏو هاڃو ان کان وڌيڪ ڪهڙو هوندو جو سندن لاءِ الڳ الڳ بينڪون ۽ يونيورسٽيون ٺاهي ان کي عورت جي ترقي جو نالو ڏيئي فاطمه جناح ۽ بيگم ڀٽو جي نالن  سان منسوب ڪيو ويو آھي.

افلاطون کان  ڪيسنجر تائين پوليٽڪل سائنس جا ماهر ۽ سياست جا اڪابر پنهنجن تحريرن ذريعي ان ڳالھه تي متفق آھن ته،

”خراب حڪمراني جو اصل ڪارڻ خراب قيادت هوندي آھي”. پاڪستان جي سڀني صوبن ۾ ، ويندي مرڪز تائين Bad governance واري ڳالھه تي حڪمران ڌُريُون ڀلي اسان سان متفق نه ٿين پر پڙھيل ۽ دانشور ماڻھو کي ڀير تي ڏونڪو هڻڻ گھرجي ۽ حڪمرانن کي بهتر حڪمراني تي ۽ پڙھيل ماڻھو کي سندس سماجي ڪارج جو احساس ڏيارڻ گھرجي.

[email protected]