پاڪستان وياج جي شرح 20 سيڪڙو ڪري ڇڏي: دنيا اسلام آباد جي مدد ڪري: چين جو مطالبو

0
445
پاڪستان وياج جي شرح 20 سيڪڙو ڪري ڇڏي
پاڪستان وياج جي شرح 20 سيڪڙو ڪري ڇڏي: دنيا اسلام آباد جي مدد ڪري: چين جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ اسٽوري) آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير ٿيڻ سبب پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، پر ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سمورا معاشي اشارا سست رفتاري سان صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهن ۽ ايندڙ هفتي تائين ايم ايف سان معاهدو ٿي ويندو

ڊالر جي قيمت ۾ 18 رپين جو تاريخي اضافو: مهانگائي جي نئين لهر ايندي؟

پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر اڏام جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 18 روپيا ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ 17 روپيا مهانگو ٿي ويو

انٽر بينڪ ۾ ڊالر 18 روپيا 89 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 285 روپين جو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ 17 روپين جي اضافي سان ڊالر 291 روپين جو ٿي ويو

پاڪستان ۾ وياج جي شرح 3 سيڪڙو اضافي بعد 20 سيڪڙو ٿي وئي

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان وياج جي شرح ۾ 300 بيسس پوائنٽس يا 3 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد مرڪزي وياج جي شرح 20 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي

اسٽيٽ بينڪ طرفان وياج جي شرح ۾ واڌ جو فيصلو مانيٽري پاليسي اجلاس ۾ ڪيو ويو، بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو مهانگائي ۽ پرڏيهي توڙي مالياتي توازن بابت لڳايل ڪاٿي کي ڏسي ڪيو ويو آهي

23 جنوري تي به اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽس جو اضافو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ وياج جي شرح 17 سيڪڙو ٿي وئي هئي، اِن کان اڳ 100 بيسس پوائنٽس جو اضافو 25 نومبر 2022ع تي ڪيو ويو هو

وياج جي شرح ۾ واڌ سان عام ماڻهو تي فرق پوندو؟

وياج جي شرح ۾ واڌ سان عام ماڻهو تي اثرن جي حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح ۾ اضافي سان اڻ سڌي طرح سڀني تي اثر پوندو

جڏهن بئنڪون وڌيڪ وڌيڪ وياج تي قرض ڏينديون ته صنعت، واپار ۽ زراعت جي ڪاروباري لاڳت ۾ به اضافو ٿيندو، اِهي اضافي پئسا بينڪون وصول به ڪنديون، جڏهن بينڪون مهانگا قرض (واڌو وياج) تي پئسا ڏينديون ته اُن جو سيڙپڪارن تي وڏو اثر پوندو

ڪاروباري ماڻهو واڌو وياج تي قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ ۾ مونجهارن جو شڪار ٿي ويندا، جنهن جو مطلب آهي ته جڏهن سيڙپڪاري نه ٿيندي ته ڪاروبار ڪيئن وڌندو ۽ روزگار ڪيئن ٿيندو، وياج جي شرح ۾ اضافي سان عام ماڻهو لاءِ روزگار جا ذريعا گهٽجي ويندا، جيڪي اڳ ئي تمام گهٽ آهن

قرض ڏيندڙ ملڪ ۽ ادارا پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪن: چين

چين اپيل ڪئي آهي ته قرض ڏيندڙ ملڪ ۽ ادارا پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪن

هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چين جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته ڇا چين پاڪستان جا قرض رول اوور ڪندو؟ جواب ۾ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائو ننگ چيو ته ان جو جواب صرف لاڳاپيل اختياريون ئي ڏئي سگهن ٿيون، پر هوءَ واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته ترقي پذير ملڪن تي قرضن جو وڏو حصو اهڙن واپاري قرضدارن ۽ ادارن جو آهي، جن تي مغربي ملڪن جو اثر آهي

امريڪا جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته هڪ ترقي يافته ملڪ جي سخت مالي ۽ معاشي پاليسين جا اثر پاڪستان ۽ اُن جهڙن ترقي پذير ملڪن تي پئجي رهيو آهي

هن چيو ته چين سڀني ڌرين کان مطالبو ڪري ٿو ته پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي استحڪام لاءِ تعميري ڪردار ڪيو وڃي

پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو: اسحاق ڊار

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان مخالف عنصر غلط افواهه پکيڙي رهيا آهن ته پاڪستان ڊيفالٽ ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو سراسر ڪوڙ آهي پر حقيقتن جي به ابتڙ آهي

اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سمورن پرڏيهي قرضن جي وقت سر ادائيگي باوجود اسٽيٽ بئنڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4 هفتا اڳ جي سطح کان لڳ ڀڳ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن

ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان پاڪستان جون ڳالهيون مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن ۽ اميد آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان اسٽاف ليول جي معاهدي کي ايندڙ هفتي تائين حتمي شڪل ڏني ويندي

اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي ته سمورا معاشي اشارا صحيح رخ ۾ هلي رهيا آهن، پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو، عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي