ڌاڙيل مغوين جي ڌيئرن ۽ زالن سان زيادتي ڪري وڊيوز ڀرين ٿا: اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل

0
431

سکر: سنڌ جي ڌاڙيلن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي ته ڌاڙيل مغوين جي گهر وارين ۽ ڌيئرن کي به جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي رهيا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ بدامني بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت آڏو اهڙو انڪشاف ڪيو

اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل زاهد مري ٻڌايو ته اغوا ٿيل شهرين جي معصوم ٻارڙين ۽ گهر وارين کي گهرائي زيادتي ڪري فحش وڊيو ڀري ڊراڪ ويب تي وڪرو ڪيون پيون وڃن

اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي اهڙي ڪُڌي ڪم ۾ بااثر ماڻهن جو هٿ آهي، جيڪو ايس ايس پي سٺو ڪم ڪندو، هيءَ اُن کي بدلي ڪرائي ڇڏيندا

جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته ڀنگ لاءِ اغوا ڪاروبار بڻجي چڪو آهي، ساليانه 2 ارب رپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو

ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين چيو ته سنڌ ۾ اغوا ٿيل بازيابي بعد ٻڌائي ٿو ته فلاڻي وزير جي پي اي پئسا وٺي آزاد ڪرايو، اسان جج نه هجون ها ته 10 ڏينهن ۾ ڪليئر ڪري ٻڌايون ها ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته  ڇوڪريون اغوا ٿي وڃن ۽ لڄون لٽيون وڃن پر ايس ايس يو جا ڪمانڊوز رڳو  وي آءِ پيز جي ڊيوٽي تي مقرر هوندا، يا وري ميچز لاءِ سيڪيورٽي ڏيندا

آءِ جي سنڌ چيو ته ايس ايس يو جو رول آهي ته اهي وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ عمارتن تي مقرر هجن

آءِ جي سنڌ چيو ته توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنگين ڏوهن ۾ ڪيتري به بااثر شخيت ملوث ڇو نه هجي کيس نه ڇڏينداسين