سک جج جهيڙو ڪرڻ تان مسلمان جوابدار کي 21 ڏينهن نماز پڙهڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

0
906
جوابدار کي 21 ڏينهن نماز پڙهڻ جي سزا
سک جج جهيڙو ڪرڻ تان مسلمان جوابدار کي 21 ڏينهن نماز پڙهڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڀارت جي رياست مهاراشٽر جي عدالت مارڪٽ ۽ جهيڙو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ مسلمان جوابدار کي 21 ڏينهن تائين پابندي سان نماز پڙهڻ جي سزا ٻڌائي آهي

مئجسٽريٽ تيجونت سنگهه پنهنجي فيصلي ۾ اِهو به چيو ته جوابدار رئوف عمر پنهنجا اعمال بخشرائڻ لاءِ ڀر واري مسجد ۾ 2 ٻوٽا به لڳائيندو ۽ انهن جي سار سنڀال به ڪندو

مسلمان جوابدار روڊ ڪناري ويندڙ هڪ شخص سان جهيڙو ڪري کيس مرڻينگ ڪيو هو

ڀارتي عدالت جي سک جج پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مسلمان جوابدار پابندي سان نماز پڙهندو، مسجد ۾ ٻوٽو لڳائي اُن جي سار سنڀال لهندو، زرعي آفيسر جوابدار جي نگراني ڪندا ته هو ٻوٽن جي سار سنڀال لهي ٿو يا نه

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته جوابدار ٻڌايو ته هو غريب آهي، گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، جيل ويو ته سندس گهر ڀاتي لنگهڻ ڪاٽيندا، عدالت جوابدار جي مالي حالت ڏسندي کيس اهڙي سزا ٻڌائي جنهن سان سندس گهر ڀاتين کي مالي طور ڏکيائيون پيش نه اچن ۽ هو سزا به ڀوڳي سڌري به وڃي