جي ايم ابڙي جي گرفتاري: گسٽا جو ميڙ منٿ قافلو جميل سومرو وٽ پهتو

0
299

لاڙڪاڻو: گسٽا لاڙڪاڻي جي صدر جي ايم ابڙو ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ جميل سومرو وچ ۾ تڪرار نبيرڻ لاءِ گسٽا اڳواڻ ميڙ منٿ قافلو وٺي پ پ اڳواڻ وٽ پهتا

گسٽا جو ميڙ منٿ قافلو پ پ اڳواڻ جميل سومرو جي ڀاءُ ۽ مقامي قيادت وٽ پهتو، گسٽا اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جي ايم ابڙو واري معاملي تي ميڙ وٺي پهتا آهيون، ٺاهه ڪرڻ چاهيون ٿا

پ پ اڳواڻن ميڙ منٿ قافلي کي جواب ڏنو ته جي ايم ابڙو طرفان ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا، اهڙو عمل برداشت نٿو ڪري سگهجي

پيپلز پارٽي اڳواڻن موجب ميڙ کي مان ڏيون ٿا، قيادت سان صلاح مشوري بعد جواب ڏينداسين

گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو جي پ پ اڳواڻ جميل سومرو کي ڌمڪيون ڏيڻ واري مبينا آڊيو وائرل ٿي هئي

گسٽا لاڙڪاڻو جو اڳواڻ جي ايم ابڙو جميل سومرو ڀتو گهرڻ ۽ حملي واري ڪيس ۾ گرفتار آهي، سندس گرفتاري خلاف استادن احتجاج پڻ ڪيو هو

هي به پڙهندا

ڀتو اوڳاڙڻ جي الزام ۾ گرفتار جي ايم ابڙو جو رمانڊ منظور: استادن ۽ شاگردن جو احتجاج