ڀتو اوڳاڙڻ جي الزام ۾ گرفتار جي ايم ابڙو جو رمانڊ منظور: استادن ۽ شاگردن جو احتجاج

0
414

لاڙڪاڻي ۾ ڀتو اوڳاڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل استاد اڳواڻ جي ايم ابڙو کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

پوليس گذريل ڏينهن جي ايم ابڙو کي گرفتار ڪيو هو، اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ورتو

جي ايم ابڙو جي گرفتاريءَ خلاف شاگردن ۽ استادن ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو، مختلف اسڪولن ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو ويو آهي

 ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين چيو ته جي ايم ابڙو تعليم دوست اڳواڻ آهي، کيس ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

هنن چيو ته استادن ۽ شاگردن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو

 2 ڏينهن اڳ استاد اڳواڻ جي ايم ابڙو پاران پ پ اڳواڻ جميل سومرو کي ڌمڪيون ڏيڻ جي هڪ مبينا آڊيو به وائرل ٿي هئي

هي به پڙهندا

جميل احمد سومرو کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ تان گسٽا ضلعي صدرجِي ايم ابڙو گرفتار، احتجاج